شيوا جي اخبار

شيوا جي (اخبار): هيءَ اخبار 40 جي ڏهاڪي ۾سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندي هئي، لاڙڪاڻي جي شيوا جي پريس مان شايع ٿيندي هئي، اخبار جي ايڊيٽر جو نالو تيجن داس گدومل هو. هن اخبار جو پهريون پرچو 4 مارچ 1940ع تي ڇپيو. اخبار جو ساليانو چندو ٻه روپيا هو. هن اخبار جي سرڪيوليشن 500 ڪاپين تي ٻڌل هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو